شيخ محمد ابراهيم

شيخ محمد ابراهيم

شيخ محمد ابراهيم

شيخ، محمد ابراهيم: نامياري ريڊيو پروڊيوسر شيخ محمد ابراهيم جو جنم، 15 مارچ 1935ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس والد احمد شيخ هو، جيڪو درس ۽ تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل هو. شيخ محمد ابراهيم نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي.
تعليم پرائڻ بعد شيخ ابراهيم 1957ع ۾ بطور ڊيوٽي آفيسر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ مقرر ٿيو. بعد ۾ هو پروگرام پروڊيوسر ٿيو. شيخ محمد ابراهيم ريڊيو پاڪستان تي مختلف نوعيت جا پروگرام پيش ڪيا.کيس شهرت ڊرامن جي پروڊيوسر طور ملي. هن تمام يادگار ڊراما پيش ڪيا. مشهور ڊراما نويسن کان وٺي اداڪارن تائين هڪ ڊگهي لسٽ آهي، جيڪي شيخ ابراهيم جي ڊرامن مان ڪاميابي ماڻي مقبول ٿيا. شيخ ابراهيم ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڪوئيٽا ۾ ريڊيو جي 38 ورهيه نوڪري ڪئي ۽ 1995ع ۾ ڪراچي اسٽيشن جي پروگرام مئنيجر جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين. شيخ ابراهيم هڪ سؤ کان وڌيڪ ڊراما ڪراچي اسٽيشن تان پيش ڪيا، جيڪي قمر شهباز، علي محمد مجروح، شيخ عبدالحليم جوش جا يادگار ڊراما هيا. سندس پيش ڪيل پروگرامن ۾ ’سُر سرهاڻ‘، ’موتين مالها‘، هفتيوار ’ڊرامو‘، خاڪن تي ٻڌل پروگرام ’گلدستو‘ ۽ ’گيتن ڀري ڪهاڻي‘ ڪراچي اسٽيشن جا مشهور پروگرام رهيا.
شيخ ابراهيم جو وڏو ڀاءُ شيخ محمد اسماعيل ماهر تعليم ۽ ناميارو دانشور هو، جڏهن ته سندس ننڍو ڀاءُ شيخ عزيز انگريزي، سنڌي ۽ اردو ٻولين جو وڏو اديب، صحافي، تجزيه نگار ۽ مضمون نويس آهي. شيخ ابراهيم کي ٻن پٽن: نديم شيخ ۽ عديل شيخ جو اولاد ٿيو.
شيخ ابراهيم 27 جون 1997ع تي ڪراچيءَ ۾ دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ ۾ آهي.


لفظ شيخ محمد ابراهيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.03.15  عيسوي

نامياري ريڊيو پروڊيوسر شيخ محمد ابراهيم جو جنم، 15 مارچ 1935ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.


1997.06.27  عيسوي

شيخ ابراهيم 27 جون 1997ع تي ڪراچيءَ ۾ دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا عبدالحميد خان
جهان خان ثاني
سيد محمد علي شاهه
رسول بخش بلوچ
الهه رکا
عالي شاهه ۽ ابو شاهه لڪياري
پير آف راڻيپور
صالح ميمڻ ڊاڪٽر
جميل الزمان جميل مخدوم
سلطان گولڊن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون